ٺٽوي امين الدين خان حسين

ٺٽوي، امين الدين خان حسين: مير امين الدين ولد مير ابوالمڪارم مشهود ولد مير ابوالبقا امير خان، علم ۽ اميريءَ جي هڪ وڏي خاندان جو فرد هو. ڪلهوڙن جي زماني ۾ حڪومت جي اختيارن سان گڏ علمي شغل هميشه جاري رکندو آيو. تحفة الڪرام ۾ هن بابت لکيل آهي ته:”وڏي مرتبي وارو امير هو، سندس گھڻو وقت ڪتابن جي مطالعي ۽ عالمن جي صحبت ۾ گذريو.“ شروعات ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙي جي زماني ۾ کيس خانپور (شڪارپورجاگير هئي ۽ اهو سارو علائقو سندس سنڀال هيٺ آيل هو، ان کان پوءِ هو دهليءَ جي مغليه سلطنت پاران 1114ھ/1702ع ۾ ٺٽي جو گورنر مقرر ٿيو ۽ ڪم کي نهايت سهڻي انتظام سان هلايائين.“
هن جي تصنيفن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن:
1. رشحات الفنون: هن ڪتاب ۾ 14 علمن جو اختصار ڏنل آهي.
2. معلومات الافاق: هن ڪتاب ۾ دنيا جي عجائبات ۽ نادر واقعات جا بيان آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو